دولھ درياهه خان جو کوٽايل خان واھ
ڊاڪٽر محمد علي
مانجھي
دولھ دريا خان جي شخصيت تي جيترو فخر ڪجي، اهو ڪري سگھجي
ٿو. سندس ڪردار نه رڳو ماضي ۽ حال پر اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ به سدائين اُتساھ جو
سبب رهندو. هو سورهيائي، سچائي، وفاداري ۽ وطن دوستئَ جو مٿاهون مثال آهي. پير
حسام الدين راشدي ”مڪلي نامي“ ۾ لکيو آهي ته: ”دريا خان، سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط
۽ مستحڪم ڪيو. فوجي، سياسي خواھ سماجي يا اقتصادي صورتحال کي هن اهڙي ڪڙئَ تي
پهچايو جو مورخن جو متفق قول آهي ته: اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو ۽ نه پوءِ انهن
تعميري ۽ رفاحي صلاحيتن سان گڏ منجھس آزادئَ ۽ وطن پرستئَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ
جي تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زندھ ۽ پائينده رکندو. سِرن جا سانگا لاهي، وطن کي
ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪو جدوجھد ڪيو، اهو حقيقتن
هن ڳالھ مان چٽي وضاحت ٿئي ٿي ته دولھ دريا خان پنهنجي وطن
جي حفاظت لاءِ جنگي ڪارناما سرانجام ڏيڻ سان گڏ ملڪ جي ترقئَ لاءِ ٻيا به گھڻائي
ڪم ڪيا. هن تعمير ۽ ملڪ جي اقتصادي صورتحال کي سگھارو ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪيا. انهن ۾
سنڌ ساڻيھ جي زمينن جي وڌيڪ ايراضين کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان نوان واھ کوٽائي
اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ڏياري. دريا خان جي انهن زرعي سڌارن ۽ واهن کوٽائڻ ۾ ٺٽي ۽
مڪلئَ واري علائقي ۾ ”خان واھ“ کوٽائڻ به هڪ اهم ڪارنامو آهي. دريا خان اهو خان واھ،
سنڌو درياھ جي ڪلري(2) وهڪري مان کوٽايو هو، جنهن جو ذڪر نه رڳو ڪن تاريخي ڪتابن
۾ ملي ٿو، پر ان جا ڪي نشان اڃا به ڏسي سگھجن ٿا.
(.....مقالي مان ورتل
هڪ ٽڪرو)
No comments:
Post a Comment