Wednesday, April 22, 2020

ٿرڙو ٽڪري

ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘


سنڌ ساڻيهه قديم دور ۾ تھذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار رهيو آهي. اهڙيون گهڻيون ئي شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ هنڌين ماڳين موجود آهن. قديم آثارن جي لحاظ کان سنڌ، دنيا جي انهن چند ملڪن مان هڪ آهي، جتي نه رڳو گهڻا هنڌ آهن، پر آڳاٽي ۾ آڳاٽا ماڳ به آهن. اڄ به موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿيل هتي جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، اڏاوت ۽ آڳاٽي لکت ڏسي دنيا حيران آهي. سنڌ جي اهڙن قديم ماڳن ۾ ٿرڙو (بُٺي/ٽڪري) به هڪ اهم ماڳ آهي، جنهن تي نه رڳو بنھه آڳاٽا آثار پکڙيا پيا آهن، پر پٿرن تي قديم لکت جا اُڪريل اھڃاڻ به موجود آهن.

نالو:
ٿَرڙي  جي نالي کي مختلف ڪتابن ۾ مختلف نموني سان لکيو ويو آهي. هن ٽڪريءَ جو آڳاٽو  ذڪر انگريزي ڪتابن ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ هن کي ‘Tharro Hill’Tharo ‘يا ’Tharro‘ لکيو ويو آهي. انگريزي ڪتابن تان جڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو  آهي، تڏهن هن ماڳ کي وري ’ٺارو‘ يا ’ٺَرو‘ لکيو ويو آهي.

ائين ڪن سنڌي، اردو يا فارسي ليکن ۾ هن کي ’ٿَرو‘ يا ’ٿَرِي‘ به لکيو ويو آهي. شايد انهيءَ سبب جي ڪري  ئي هن ماڳ کي ڳولي لهڻ يا ان بابت ڪا وڌيڪ تحقيق ٿي نه سگهي آهي.

هن ٽڪريءَ کي هتي جا مقامي ماڻهو ’ٿرڙو‘ يا ’ٿَرڙي  واري بُٺي‘ (ٽڪري) چوندا

آهن ۽ ان ئي نالي سان مشھور آهي. ’ٿرڙو‘ يا ’ٿرڙ‘ معنيٰ ٽيڏو، غير هموار ڦٽل شهر يا پراڻو دڙو. جامع سنڌي لغات ۾ ٿرڙ جي جيڪا معنيٰ ڏنل آهي، سا هيئن آهي: ”ٿرڙ = ڊٺل شھر، آڳاٽو ڦٽل شھر، ڀَنُ، کنڊر، جهونو دڙو“ ائين جامع سنڌي لغات ۾ ساڳئي صفحي تي ٻيو لفظ ’ٿرڙي‘ ڏنل آهي، جنهن جي معنيٰ لکيل آهي: ”آڳاٽو ڦِٽل ننڍو ڳوٺ، جو دڙي جي صورت ۾ هجي، دڙو، ننڍي ڀٽ.“ (1) مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي، چئي سگهجي ٿو ته هن ماڳ جو اصل نالو ڪو ٻيو هوندو، پر قديم دڙي يا ڦٽل آثارن جي نسبت سان هن ماڳ تي نالو ئي ’ٿرڙو‘ پئجي ويو آهي.

بيھڪ:
ٿرڙي واري ٽڪري ٺٽي کان اولهه طرف 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ مُک روڊ تي موجود گُجي شھر کان 3 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ديھه شيخ حاجي ترابي، تپو گجو، تعلقي ميرپورساڪري ۽ ضلعي ٺٽي ۾ آهي. جنهن ديهه ۾ هيءَ ٽڪري آهي ان جي اوڀر ۾ ديهه هالڪي، اوڀر ڏکڻ ۾ ديهه تارڪي، ڏکڻ ۾ ديهه مڙهو، اولهه ۾ديهه ٻاٻڙا ۽ اتر ۾ گجو آهي. ٿرڙو ٽڪري زميني سطح کان 35 فوٽ اوچي آهي، نقشي جي لحاظ کان هيءَ ٽڪري لڳ ڀڳ مستطيل شڪل جي آهي، پر وچ وارو ڀاڱو سوڙهو آهي. ٽڪري اٽڪل     ايڪڙن تي مشتمل آهي. ٿرڙي بابت مواد ڏسڻ جي سلسلي ۾ گهڻي ڳولا کان پوءِ مشهور آرڪيالاجسٽ اين.جي مجمدار جو ڪتاب “Explorations in Sind” مليو آهي. سندس لکت موجب هتي کانئس پهرين مسٽر ڪارٽر پهتو  هو، تنهن کان پوءِ پاڻ پهتو. مجمدار پنهن جي ڪتاب ۾ هن ماڳ جو احوال “Tharro Hill Near Gujo” جي عنوان سان ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته: ”ٿرڙو هڪ ننڍي ٽڪري گجي کان ڏکڻ اوڀر طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اها ٽڪري ميداني سطح کان 30 يا 35 فوٽ تي آهي ۽ چوٽي تراکڙي اٿس.“ (2)  

هن وقت هيءَ ٽڪري هن وقت ڪلراٺين زمينن ۽ جهنگ ۾ گهيريل آهي. ٽڪريءَ تي ڪا به آبادي نه آهي. البت ڏاکڻي ڇيڙهي کان هيٺين ڀاڱي ۾ هڪ ڳوٺ شيخن جو آهي.

آڳاٽن وهڪرن کي نظر ۾ رکي ڏسبو ته هيءَ ٽڪري هڪ ٻيٽ رهي آهي. آڳاٽي زماني کي ڇڏي چوڏهين عيسوي صديءَ تائين به هِيءَ ٽڪري وهڪرن جي وچ ۾ رهي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌوءَ جي هڪ شاخ ٺٽي شهر جي اوڀر کان ڦرندي ڏکڻ ويندي هئي، جيڪا بگهياڙ جي نالي سان مشهور هئي. ٻئي شاخ اوڀر طرفان چليا واري علائقي ۾ موجود سهڻيءَ جي لٺ واري ٽڪريءَ کان نڪري اُتر ڏانهن ساريجيءَ کان ٿيندي جهول ڍنڍ وٽان وڏو ڦيرو کائيندي، اولهه ڏانهن مڙي ويندي هئي، جنهن کي ڪلري سڏيو ويندو هو. هن وهڪري مان هاليجيءَ وٽان هڪ وهڪرو اڳتي نڪري گهاري کان ٿيندو ڀنڀور ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هاليجيءَ وٽان ئي ٻيو وهڪرو گجي وٽان لنگهي ڏکڻ ڏانهن نڪرندو هو. هيءَ ٽڪري انهيءَ وهڪري جي وچ ۾ هئي. هنن وهڪرن جا نشان اڄ تائين ڀڏن جي شڪل ۾ پکڙيا پيا آهن.
    
    مشهور تريخدان ايڇ ٽي ليمبرڪ به ٿرڙي جو ذڪر مجمدار جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ’سنڌ هڪ عام جائزو‘ ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن صفحي 151 تي لکيو آهي ته: ” جنهن ٻئي هنڌ بابت اسان کي پڪ آهي ته اهو به سنڌو تهذيب جي ڏينهن ۾ سمنڊ تي يا سمنڊ جي تمام ويجهو  هو، سو آهي ٺرو گجو جو پڻ ڪوٽ اندر هو.  اهو هنڌ ٺٽي کان ڏهاڪو ميل اولهه طرف آهي.“ اهوهنڌ ٻڌائيندي وري اڳتي هلي مختلف حوالا ڏيندي  به هو اصل بيهڪ واري هنڌ ڏسڻ ۾ ڀل ڪري ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هو هنن ماڳن تائين پهچي نه سگهيو، هن رڳو مطالعي جي آڌار تي نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري جتي هن شيخ ابو تراب جو ذڪر مير علي شير قانع جي حوالي سان ڪيو آهي، اتي هن گجي جو ذڪر به ڪري ٿو، هو ساڪري ۽ ٿرڙي جو ذڪر ’ٺره‘  (THARRAH)  جي قلعي جو به ذڪري ڪري ٿو پر هن ان قلعي واري ماڳ کي ڀنڀور سمجهي ڀل ڪئي آهي.البت سندس احوال ۾ هيءَ ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته هتي جهاز ايندا هئا. هو لکي ٿو ته:”گجي ۾ جتي شيخ ابو تراب پنهنجا ڪارناما ڪيا هئا، اڃا تائين جيڪي ڳالهيون ٻڌجن ٿيون، تن ۾ هڪڙي اهڙي به آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته سندس وقت  ۾ جهاز  کان ٺري (يعني ٿرڙي) تائين ايندا هئا.“ (3)


وڃڻ لاءِ رستو:
....

(مقالي جو پهريون صفحو)

No comments:

Post a Comment