Wednesday, April 22, 2020

مخدوم رحمت الله ٺٽوي (هڪ ارڏو آواز) Makhdoom Rehamat Ullah Thattvi

  Makhdoom Rehamat Ullah Thattvi مخدوم رحمت الله ٺٽوي (هڪ ارڏو آواز)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته گھڻي زماني کان سنڌي ماڻهو لڳاتار ڌارين جي حملن کي منهن ڏيندا، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي وجود جو تحفظ ڪندا رهيا آهن. خاص ڪري ارغونن جي حملن(1514ع _ 1520ع) کان وٺي مغلن جي پڄاڻيءَ (1718ع کان ويندي 1729ع) تائين سنڌي ماڻهن جيڪو ڀوڳيو سو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. انهن دورن ۾ سنڌي ماڻهن پاران جيڪي آزاديءَ جون جنگيون وڙهيون ويون يا جدوجهد جاري رکي وئي ان جو احوال تمام ٿورو ملي ٿو پر جيڪو بنهه مختصر ئي ذڪر ملي ٿو سو به ڪمال جو ۽ تاريخي مثال آهي.
سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي قاتل، ۽ انهن جون وستيون ويران ڪندڙن جي ساٿي يوسف ميرڪ جي ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ مان به چٽيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو ڪهڙي نه غيرتمنديءَ ۽ بهادريءَ سان لڳاتار وڙهندا رهيا. اهو يوسف ميرڪ پنهنجي مٿئين ڪتاب ۾ پنهنجي آقا ارغونن جون تعريفون ڪندي ۽ سچ کي گھڻو لڪائيندي به لڪائي نه سگھيو آهي. اهڙيءَ ريت ٻين آڳاٽن تاريخي ڪتابن کي پڙهي، سچ جي سون سريکي بدن تان ڪوڙ جي لفظن جو لباس لاهي اصل حقيقتن کي چٽي نموني پسي ۽ پروڙي سگھجي ٿو. توڙي جو سنڌي ماڻهن پاران لکيل سمورا ڪتاب ۽احوال ڳولي ڳولي هٿ ڪري غائب ڪيا ويا، تنهن هوندي به ارغونن، ترخانن، ۽ مغلن جون ثنا خوانيون لکندڙ ليکڪ پنهنجي ڪتابن ۾ اصل حقيقتن کي گھڻو ئي لڪائيندي به لڪائي نه سگهيا آهن.

اهڙيءَ ريت ئي شاهه عنايت شهيد جي عظيم تحريڪ ۽ جدوجهد جون اصل حقيقتون، سندن شهادت وقت ۽ شهادت کان پوءِ ٿيل سنڌي ماڻهن جو رد عمل به گهڻو لڪائيندي به لڪي نه سگهيو. توڙي جو مغلن پاران ان جنگ کان پوءِ صوفين(هارين ۽ مزورن) ۽ سندن ساٿين کي ڳولي ڳولي شهيد ته ڪيو ويو، پر ان جدوجھد ۽ واقعي جي اصل حقيقتن تي مشتمل ڪتابن ۽ لاڳاپيل رڪارڊ کي به ڳولي ڳولي ساڙي شهيد ڪيو ويو. ان ڪري اصل تاريخ بدران اسان کي رڳو حملي آورن جون لکيل ڪوڙيون، ٻه نمبري ۽ غلط تاريخون پڙهايون وينديون رهيون آهن. شاهه شهيد ۽ سندس هزارين ساٿين جي شهادت، ميرانپور کي باهه ڏيڻ ۽ ٻين واهڻن، وستين کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ نواب اعظم خان ايئن سمجهو هو ته هاڻي ڪا به مزاحمت نه ٿيندي. هن ايئن به ڄاتو ته هو هاڻي جيئن وڻندس تيئن پيو سنڌ ڀيليندو پرايئن نه هو، حقيقت ان جي ابتڙ هئي. هتي جي مردن، ماين، ٻڍن، ٻارن، واپارين، ڪاريگرن، هنرمندن، عالمن، استادن، شاگردن مطلب ته سڀني ماڻهن جي دلين ۾ مغلن خلاف باهه ٻري رهي هئي. ايئن ڪونه هو ته هتي رڳو ضياء ۽ عطا ٺٽويءَ جهڙا درٻاري هئا پر هتي سنڌ جا باضمير عالم، شاعر ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. هتي شاهه عبداللطيف ٺٽوي، شاهه اسماعيل صوفي، مخدوم معين ٺٽوي ۽ مخدوم رحمت الله ٺٽويءَ جهڙا با ضمير ۽  تڙپندڙ ذهن رکندڙ  عظيم شخص به موجود هئا. انهن ۾  مخدوم رحمت الله ٺٽوي هڪ اهڙو عظيم مزاحمتي ڪردار ٿي گزريو آهي جنهن تي جيترو به فخر ڪجي اوترو گھٽ آهي. مخدوم رحمت الله جيڪو طالب العلم جي لقب سان مشهور هو سو سچ پچ هڪ مانائتي، مٿاهين درجي جو ڌڻي، سنڌ سڄڻ ۽ غيرتمند بزرگ هو. هو سراپا سچ جو هڪ ارڏو آواز ۽ مزاحمتي ڪردار جو اعلا مثال هو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته نواب اعظم خان هزارين حق پرست ماڻهو قتل ڪرائي، وڏي دهشت پکيڙي شايد اهو سمجهيو هوندو ته هاڻي ڪنهن کي به ٻُڙڪ ٻاهرڪڍڻ جي جرئت ئي نه ٿيندي. حقيقت هينئن آهي ته جھوڪ واري واقعي کان پوءِ نواب اعظم جڏهن واپس موٽي ٺٽي ۾ آيو ته ايندي ئي جھوڪ واري جنگ ۾ آيل خرچ جي وصوليءَ خاطر ٺٽي جي واپارين تي واڌو ٽيڪس مڙهيائين. اهو ڪيڏو نه ظلم، ناانصافي ۽ ناحق هو ته قاتل حڪومت جيڪي اسان جا معصوم ماڻهو قتل ڪيا، اسان جي ماڻهن جي قتلام تي جيڪو خرچ آيو سو به وري انهن مقتول ماڻهن جي وارثن کان اڳاڙيو وڃي!! ڇا اها ڳالهه قبول ڪرڻ جهڙي آهي؟؟ مخدوم رحمت الله ٺٽوي جيڪو اڳ ۾ ئي تڙپي رهيو تنهن ان ظلم نا حق ۽ ناانصافيءَ خلاف سختيءَ سان آواز بلند ڪري ماڻهن کي بيدار ڪرڻ شروع ڪيو. هن سڀني ماڻهن کي نواب جي حڪم نه مڃڻ جو پيغام ڏنو. پنهنجي کٿاب ۽ مسجد ۾ تقريرون ڪري اصل حقيقتن کان آگاهه ڪيو. کيس ڪارندن معرفت ايئن نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي پر مخدوم رحمت الله حق جو هوڪو ويتر وڌيڪ بلند ڪيو. هن ڏٺو ته نواب ظالماڻن حڪمن کان نه ٿو مڙي ته هو سراپا احتجاج بڻجي شهر ڇڏي شهر کان ٻاهر وڃي رهيو ۽ ماڻهن کي بيدار ڪندو رهيو. نيٺ کيس قيد ڪري سخت سزائون ڏنيون ويون.      

 مخدوم رحمت الله جو احوال سڀني کان آڳاٽو سنڌ جي عظيم مورخ مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتابن ”تحفته الڪرام“، ”مقالات الشعرا“ ۽ ”معيارِ سالڪان طريقت“ ۾ ڏنو آهي. ”تحفته الڪرام“ ۾ قانع ٺٽوي مخدوم رحمت الله جي ڏاڏي مخدوم علي احمد عرف قمري جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته ” خوشحال هئڻ جي ڪري (علي احمد جو) قمريءَ جو لقب مليو هوس. فضيلت ۽ ڪمال جي زيور سان سينگاريل هو. مشهور طالبِ علم مخدوم رحمت الله جو ڏاڏو فصيلت وارو ۽ انساني خوبين سان موصوف ٿي گذيو آهي“ (1) مخدوم رحمت الله فارسيءَ جو شاعر به هو، مير علي شير قانع سندس شعر ”تحفت الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ ۾ ڏنا آهن. قانع ٺٽوي مولانا دائود مفتي ۽ سندس اولاد جي احوال ۾ مخدوم ابوالقاسم جي وفات جي تاريخ متعلق لکي ٿو ته ”مخدوم رحمت الله طالبِ علم ”ذهب العلم من السند يقينا“ (ترجمو، سنڌ مان يقينن علم لڏي ويو.) جي جملي مان سندس تاريخ لڌي.“(2) پير حسام الدي راشدي مير علي شير قانع جي حوالي سان لکي ٿو ته  ”مخدوم رحمت الله، مخدوم آدم جي ڀاءُ علي احمد قمري جي اولاد مان هو. وڏو صاحبِ فضيلت بزرگ مخدوم ۽ جيد عالم هو. درس تدريس جو شغل هئس. مخدوم جليل، ٺٽي جو مشهور عالم، مخدوم ضياءُ الدين جو ڄاٽو سندس فرزند هو. سندس ٻيا پٽ ميان محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله پڻ وڏي مانَ ۽ مرتبي وارا بزرگ هئا.“(3)

مختلف ماخذن مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم رحمت الله ان زماني ۾ وڏي عزت وارو شخص هو. هو باضمير ۽ هڪ وڏو سچ گو بزرگ هو. حق ۽ سچ جي ڳالهه چوڻ ۾ ڪنهن کان به نه لهرائيندو هو. ايتري قدر جو جڏهن صوفي شاھ عنايت ۽ سندس ساٿين جي شهادت جو دليون ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو تڏهن هن انهيءَ عمل تي سخت احتجاج ڪيو هو. جڳ مشهور مورخ ۽ محقق پير حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته: ”ٺٽي ۾ موٽي اچڻ بعد نواب اعظم، لشڪر ۽ جنگ تي ٿيل خرچ ٺٽي جي واپارين مٿان مڙهيو.، جنهن جي ڪري سخت ناراضگي پيدا ٿي ۽ مخدوم رحمت الله طالب العلم جيڪو انهيءَ دور جو جيد عالم هو، خدا شناس ۽ وڏي اثر وارو بزرگ هو، سو نواب جي انهيءَ ظلم تي سخت ناراض ٿيو ۽ بيحد مخالفت ڪيائين، ليڪن جڏهن نواب نه مڙيو تڏهن مخدوم صاحب پاڻ شهر ڇڏي هليو ويو، ڇاڪاڻ ته جتي اهڙا ڪلور پيا ٿين اتي رهڻ کيس جائز نظر نه آيو.“(4) راشدي صاحب اڳتي لکي ٿو ته، ”نواب جون اکيون جنهن صورت ۾ حق شناسيءَ کان پوريل هيون، تنهن ڪري ظاهر ۽ باطني علومن جي انهيءَ جامع بزرگ کي تڪليفون ڏيئي، شهر ۾ واپس گهرائي کيس بنديخاني ۾ وجهي ڇڏيائين. انهيءَ سبب ڪري ويتر خلق خدا جو ناراضپو وڌيو.“(5)

چيو وڃي ٿو ته قيد ۾ مخدوم رحمت الله کي ايتريون سختيون ڏنيون ويون هيون جو سندس هلڻ چلڻ به ختم ٿي چڪو هو پر پوءِ به هو نواب پاران ناحق، ناانصافي ۽ غلط قدمن جي سخت مخالفت ڪندو رهيو. آخر ۾ کيس هدايت ڪئي ويئي ته هاڻي کيس ختم ڪيو ويندو تنهن ڪري  هو نواب جي مخالفت نه ڪري، تنهن جي جواب ۾ چيائين ته هو آخري پساهه تائين اهو ئي ڪندو رهندو جيڪو هو سچ سمجھي ٿو.“(6)

                 سورِيءَ  مٿي سيجَڙي، اڏيءَ  مٿي  انگَ،
                  ديڳين ڪڙهن دوڳڙا، منجھ ڪڻاهه ڪرنگ،
                     قاسم قيصر رنگ، وِهه  پيتائون  وٽئين.
                                                   (خليفو نبي بخش قاسم)                                          
 چيو وڃي ٿو ته آخر ۾ هن کي قيد مان ته ڪڍيو ويو پر وڃڻ وقت کيس اهڙو زهر ڏنو ويو جو هو ڪجھ ڏينهن ۾ ئي هيءَ دنيا ڇڏي ويو.“(7) زهر ڏنو ويو هجي يا نه پر منهنجي خيال ۾ جيڪو مٿس لڳاتار مهينن جا مهينا تشدد ڪيو ويو سو ئي موت جي سبب لاءِ ڪافي هو.  مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ ۾ لکيو آهي ته مخدوم رحمت الله 1137هه ۾ فوت ٿيو. ”مقالات الشعرا“ ۾ مخدوم رحمت الله جو احوال هن ريت لکيل آهي، ”مخدوم رحمت الله طالب علم تتوي؛ ذات گرامي آن مخدوم مغفور آيد رحمت بود. در فضيلتش چه قدر ڪسي حرف زند. در اين وقت در بلده از تلاميذ هاي وي، مخدوم معظم مخدوم ضياءالدين ضيا بخش شبستانِ نامِ نامي آنمخدومِ مبرور است. “ (8) مخدوم رحمت الله کي هيءَ دنيا ته هونئن به ڇڏڻي هئي سو ڇڏي ويو پر سندس ارڏو آواز اڄ به تاريخ ۾ سچ جي صدا جو اعلا مثال جو روپ بڻجي گونجي رهيو آهي.

حوالا ۽ حاشيا

1. قانع ٺٽوي، مير علي شير، ”تحفت الڪرام“ ڇاپو پنجون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ص 463

2. ساڳيو حوالو ص 430

3. راشدي حسام الدين سيد ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي، 1981ع ص 33

4. شاهه شهيد وارو واقعو فرخ سير جي زماني ٿيو. فرخ سير جو زمانو اڳين مغل بادشاهن کان وڌيڪ خراب، خونريزي، تباهي ۽ بربادي4 وارو هو. اهو دور سنڌ لاءِ وڌيڪ خطرناڪ هو. ان ئي دور ۾ سيد لطف الله ۽ اعظم خان سنڌ تي وارد ٿيا. اعظم خان وڌيڪ ظالم، ناحق ۽ نا انصافي ڪندڙ نواب ڪندڙ هو. راشدي صاحب لکيو آهي ته، ”جڏهن فرخ سير جو ستارو غروب ٿيو(1131هه) ۽ رفيع الدرجات(1131هه) ۽ رفيع الدوله(1131هه) جي به پڄاڻي ٿي ۽ محمد شاهه بادشاهه غازي جي بخت جو سج اڀريو، ان وقت (1131هه) ۾نواب اعظم خان به معزول ٿيو ۽ سندس جاءِ تي نواب مهابت خان آيو.“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”شاهه جي وزير اعظم نواب محمد منعم خان، خانِ خانان جو پيءُ نواب مهابت خان 1131هه ۾ ٺٽي ۾ آيو. نهايت نيڪ، ڪم آزار، چڱي نيت وارو امير هو. غربا پروريءَ ۽ ساز سلوڪ ۾ مشهور هو. فارسي شاعريءَ ۾ استاد هو، تخلص ڪاظم هئس. 1135هه ۾ ٺٽي منجھ فوت ٿيو. سندس پٺيان سندس صغير پٽ في الحال قائم ٿيو، نواب جي بيگم انتظام سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو، جيڪو 1136هه وارو هڪ سال رهيو جنهن بعد نواب سيف الله خان ٺٽي جي صوبداريءَ تي مقرر ٿيو.“  ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ص 330     

5. ساڳيو حوالو ص 33

6. ساڳيو حوالو ص 34 ۽ پڻ ڏسجي ”صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر“ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2010ع ص .... 

7. روايت محترم عبدالله گندرو عمر بتاريخ ۽ پڻ ڏسجي ”تحفته الڪرام“ سنڌي ترجمو ڇاپو پنجون، ص 436

8. مقالات الشعرا مير علي شير قانع تتوي، (متوفي سنه 1203هه) با مقدمه و تصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي، سندهي ادبي بورد ڪراچي، 1957ع ص 248 

No comments:

Post a Comment