(Majirae - An Archeological Site) ماجيراءِ
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
![]() |
سنڌ ساڻيھ آڳاٽي
سڀيتا جي لحاظ کان گھڻو شاهوڪار رهيو آهي. هزارين ته ڪي لکين سالن کان سنڌ پنهنجي
سيني تي مختلف دورن جي ماڳن جا ڪئين آثار اڃا سانڍيندي اچي. انهن ماڳن ۾ ڪي اهڙا
ماڳ به آهن، جيڪي مختلف دورن تي مشتمل آهن. انهن مان هر دور هزارين سالن تي مبني
آهي. اهڙن ماڳن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌئَ سان گھڻي زماني تائين آباد رهندڙ درياهي
بندر ۽ شهر جھرڪ کان 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ماجيراءِ جي نالي سان ٽڪرئَ وارا
موجود آثار به آهن.
ماجيراءِ جي هن
ٽڪرئَ جو ذڪر اسان جي تاريخ جي ڪتابن ۾ نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته هي ماڳ تاريخ کان آڳاٽي
زماني جو ماڳ آهي. هن کي ڦٽندي به ڪئي جُڳ گذري ويا آهن. هن ٽڪرئَ تي موجود آثارن
جو ذڪر جيڪو ٿورو گھڻو ملي ٿو سو پهريائين انگريزن جي ۽ رپورٽن ۽ ڪتابن ۾ ملي ٿو،
تنهن کان پوءِ ڪن ڏيهي محققن به هن ماڳ جو سرسري ذڪر ڪيو آهي. سڀ کان پهرين جنهن انگريز
هن ماڳ کي ڳولي اچي ڏٺو، سو هو ڪراچئَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ڊبليو ڪول، جنهن 1852ع
۾ هي ماڳ ڏسي، هتي کوٽائي ڪرائي کوجنا ڪئي. مسٽر ڪول تڏهن رائيل ايشياٽڪ سوسائٽي
بمبئي برانچ جي سيڪريٽرئَ کي 1853ع ۾ خط لکي هن ماڳ بابت رپورٽ پيش ڪئي. اُن رپورٽ
۾ مسٽر ڊبليو ڪول اتي ڪرايل کوٽائي ۽ کوجنا جي بنياد تي هن ماڳ ۾ ٻڌ آثارن ۽ اسٽوپا
جي موجودگئَ جي آگاهي ڏني. تڪڙو ئي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر اليگزينڊر ڪننگھام پنهنجي ڪتاب `Ancient
Geography of India` 1871ع ۾ ماجيراءِ جو مختصر احوال ڏنو. مسٽر ڪارٽر ۽
ڊاڪٽر فيڊن به 1876ع ۾ هن علائقي کي ٻڌ آثارن طور رپورٽ ڪيو. هتي جو ڪجهه ذڪر
ايٽڪن جي گزيٽيئر 1907ع ۾ ملي ٿو. جي.ڊبليو.سمٿ پاران سهڙيل سنڌ جي گزيٽيئر_ضلعي
ڪراچي ۾ مسٽر ڪول جي حوالي مختصر پر چڱو ملي ٿو. ڏٺو وڃي ته مسٽر ڪول کان پوءِ قديم
آثارن جو ماهر هينري ڪزنس اهو شخص آهي، جنهن هن ماڳ تي اچي، مسٽر ڪول جي ڪم جي
روشنيءَ ۾ کوٽائي ڪرائي، جانچي سٺي کوجنا ڪئي. هن ماڳ جو اهو احوال سندس شاهڪار ڪتاب
`The
Antiquities of Sind` ۾ موجود آهي.
(مقالي تان کنيل هڪ ٽڪرو)
No comments:
Post a Comment