‘مانجھي’شاعري:
ڪتاب: مڪلي ۽ مانجھي
شاعري انساني اندر جي بنھه لطيف جذبن ۽ ڪيفيتن جو تمام سھڻو اظھار آھي. مختلف ڪيفيتن جي اثرن جي ڪري جڏھن انسان جي اندر جي بنھه نفيس احساسن جي تارن ۾ لرزش اچي ٿي ۽ انھئَ لرزش سان جيڪي به احساس اُٿن ٿا ۽ اُھي اظھار جو بنھه سھڻو روپ ڌارين ٿا تڏھن شاعري بڻجي پون ٿا. رڳو انسان جي اندروني ڪيفيتن جا نه پر ٻاھريان لقاءَ به شاعرئَ جا مٺا موضوع رھيا آھن. مختلف منظرن ۾ لقائن جي ڏسڻ پسڻ ۽ ڀوڳڻ سان جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون، اُنھن ڪيفيتن جو اظھار به سھڻي شاعري آھي.