Tuesday, June 30, 2020

The Son of The Soil (Novel), Preface By: Dr. Muhammad Ali Manjhi

The Son of The Soil (Novel)

Written By: Mansoor Thalho

Preface By: Dr. Muhammad Ali Manjhi






The coastal belt of Sindh not only occupies geographical and historical importance but it is very important from an economic and social point of view. The Indus delta had not only remained adventitious for the land of Sindh but it has been of immense interest all around the world as well. After traversing thousands of miles of the journey when the mighty Indus River falls into the Arabian Sea, one can find there every form of life looks so strange. It is because of the fact that this region is very significant with regard to human life and evolution because water has been considered as the pioneering point in the construction of great ancient civilizations in the world.

Saturday, June 27, 2020

ڪامريڊ صديق پکيئڙو

ڪامريڊ صديق پکيئڙو

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي



جنين پيئي باس، گنجي ڏونگر گام جي
ڇڏي   سڀ لباس،  لوچي   لاهوتي  ٿيا
                                                           (شاهه لطيف) 

          سنڌ ساڻيهه جي علم، ادب، تهذيب، سُونهن ۽ سچ جون گواهيون ڏيندڙ،  قديم شهر ٺٽو ننگر، عالمن، اديبن، شاعرن، تاريخدانن، وڻجارن، ٻيڙيائتن، سورهين ۽ سچارن جي لحاظ کان گھڻو مشهور رهيو آهي. انهئَ لحاظ کان هن خطي ۾ ڏاڍا وڏا ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، انهن ۾ شيخ حماد جمالي، ڄام تماچي، ڄام نظام الدين، دولهه دريا خان، وسايو ڀٽرو، شهيد مريد، ابوالحسن سنڌي، مخدوم رحمت الله ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي، صوفي شاهه عنايت شهيد، صوفي شاهه اسماعيل، سيد عبدالڪريم ٺٽوي، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، غلام علي ”مداح“ ٺٽوي،۽ ٻيا به ڪيترا نالا اچي وڃن ٿا.

ساريجي بُٺي (سنڌ جو هڪ قديم ماڳ) تحقيق: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ساريجي ڀُٺي (سنڌ جو هڪ قديم ماڳ) 

تحقيق: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


     
سنڌ ملڪ جي تهذيب دنيا جي آڳاٽين تهذيبن مان هڪ آهي. سڄي دنيا جا تاريخدان، قديم آثارن جا ماهر، اينٿروپالاجسٽ، عالم ۽ ڏاها، بنهه چٽي نموني سان سنڌ ساڻيهه جي آڳاٽي تهذيب جي شاهوڪاريءَ جي ساک ڏين ٿا. سنڌ جتي انسان جي اوائلي دور جا غار، پٿر جي دور جي وسندين جا آثار، ڌاتوءَ جي دورن جا چٽا اهڃاڻ، قديم دور جا ٺڪراٺا وغيره اڄ به سوين هنڌن تي شاهديون ڏيڻ لاءِ ججهي تعداد ۾ موجود آهن، اُتي ڊهڻ ۽ ڊاهڻ جو سلسلو به جاري آهي.

Monday, June 22, 2020

سنڌي گيت جو شاعر ماڻڪ ملاح

سنڌي گيت جو شاعر ماڻڪ ملاح

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


      سٻاجهو ۽ سهڻو سڀاءُ رکندڙ ماڻڪ ملاح سنڌي ٻوليءَ جو خاص ڪري سنڌي گيتن جو سگهارو شاعر آهي. سندس گيت ڪافي وقت کان ڇپجندا رهيا آهن. ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ مون کي تمام گهڻي خوشي تڏهن ٿي جڏهن ماڻڪ ملاح پاران موڪليل ڪتاب سنڌ ڪلچرل فورم جو سرواڻ، پيارو دوست صادق لاکو، منهنجي حوالي ڪري ويو. مون کي ڪو ڪتاب ملندو آهي يا خريد ڪندو آهيان ته پهريان تڪڙو ئي اُن جو مهاڳ ته گهڻو ڪري اُن ڏينهن ئي پڙهي وٺندو آهيان، باقي ڪتاب  پڙهڻ جي تئونس به تيستائين رهندي آهي جيستائين پڙهي پورو نه ڪندو آهيان. ماڻڪ ملاح جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ياد بهانا ڪيا“ جو مهاڳ توڙي جو مشهور شاعر ۽ اديب، مانواري سائين مير محمد پيرزادي جو لکيل آهي جنهن جي شاعري ۽ نثر پڙهڻ لاءِ سدائين دل چوندي رهندي آهي، سو سندس شاهڪار مهاڳ تڪڙو پڙهي ۽ پوءِ اُن مهل ئي ماڻڪ جا گيت پڙهڻ لڳس ڇا ڪاڻ ته ماڻڪ جا گيت مون کي ڏاڍا وڻندا آهن.

سج اڀري پيو

سج اڀري پيو

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

جاڳ ۾ ئي ڀاڳ آهي

جاڳ ۾ ئي ڀاڳ آهي


(عزيز ڪِنجھرائيءَ جي ڪتاب  ”قومي ڏاهپ ۽ سنڌ جو مستقبل“ جو اڀياس)


 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
           
  دنيا ۾ ڪي ماڻهو هر وقت متحرڪ هوندا آهن. اهي پنھنجي صلاحيتن جو سٺو استعمال ڪندي، پنهنجي قول، ڪردار، فن، فڪر، ڏات يا ڏاهپ سان سماج کي سنوارڻ لاءِ هر وقت مصروف هوندا آهن. انهن جي اندر جي اڻتڻ کين سک سان ويهڻ ئي نه ڏيندي آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف چواڻي ته:
گنجو ڏونگر گام، پيھي جن پروڙيو
ڪري  تن  تمام،  لوچي  لاهوتي ٿيا

اهڙن ئي ڪردارن مان سائين عزيز ڪِنجهرائي به آهي. سنڌ جي تاريخي داستانن ۽ درد ڪھاڻين جي گواهه، سھڻن منظرن ۽ وسيلن سان مالامال ڪِنجهر جي ڪنڌيءَ تي جنم وٺي مُنِي صَدي گهاريندڙ هن ڪِنجهر جا جيڪي مختلف رنگ ۽ روپ ۽ تبديليون ڏٺيون آهن. اها هڪ الڳ تاريخ آهي.

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جي هڪ يادگار تصوير

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب

لطيف جي شاعرئَ ۾ قرآني آيتن ۽ حديثن جو استعمال

لطيف جي شاعرئَ ۾ قرآني آيتن ۽ حديثن جو استعمال

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي




اورنگا بندر

اورنگا بندر

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي



Sunday, June 21, 2020

عثمان سکري ۽ بياض سکري جو جائزو

عثمان سکري ۽ بياض سکري جو جائزو

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي  



          سنڌ عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سرجڻهارن جي لحاظ سان بنهه گهڻو شاهوڪار رهي آهي. ٻين زمانن جي ذڪر کي هڪ پاسي رکي جيڪڏهن اسان انگريزن جي دور تي نظر وجهنداسين ته به معلوم ٿيندو ته انهيءَ غلاميءَ واري دور ۾ به سنڌي ماڻهن جون دليون ۽ دماغ سدا ساوا ۽ شاداب رهيا. ڌارين جي ڪالوريل ماحول هوندي به هتي جي ماڻهن جا اندر ۽ ذهن بنجر بڻجي نه سگهيا. هتي ڪاريگريون، هنر، حرفتون، فن، علم، ادب، شاعري، مصوري وغيره چڱي نموني سرجندا رهيا. ادبي لحاظ سان به ان دور ۾ نه رڳو نثر وڌيو، ويجهيو پر شاعري به اڳري رهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتريون نيون صنفون متعارف ٿي، پڪيون ۽ پختيون ٿيون.

لطيف جي شاعرئَ ۾ ڏٿ جو ذڪر

لطيف جي شاعرئَ ۾ ڏٿ جو ذڪر

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

Saturday, June 20, 2020

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وطن دوستي

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وطن دوستي  


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

makhdoom muhammad hashim thattvi, article written by dr. muhammad ali manjhi
ڇماهي تحقيقي جرنل ”بلاول“ (ڊسمبر 2012)  ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس

سنڌ ساڻيهه تي سمن جي آخري حڪمران ڄام فيروز جي دور ۾ جڏهن ارغون ۽ ترخان هن ملڪ تي حملو ڪري قابض ٿيا، تڏهن تمام گهڻي جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ سان گڏ، سنڌ جي علم، ادب ۽ ٻوليءَ جو به وڏو نقصان ٿيو. آڳاٽن سنڌي ڪتابن جو ذخيرو تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. شهرن جي بازارن سان گڏ درسگاهن ۽ ڪتبخانن کي باهيون ڏئي رک ڪيو ويو. تڪڙو ئي حڪومتي ڪار وَهنوار ۽ درسگاهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بدران فارسي ٻولي رائج ڪئي ويئي ۽ اُن جي واڌ ويجهه لاءِ حڪومت پاران معاوضا وغيره  ڏيئي همٿايو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌيءَ بدران دفتري ٻولي ته فارسي بڻائي ويئي پر درسگاهن ۾ به فارسيءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو، تنهنڪري هوريان هوريان اڪثر درسگاهن ۾ به فارسي پڙهڻ ۽ پڙهائجڻ لڳي.

Friday, June 19, 2020

ڪِنجهر جا گاهه ۽ سُر ڪاموڏ

ڪِنجهر جا گاهه ۽ سُر ڪاموڏ


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي چوٿين شماري (ڊسمبر- 2000)  ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس 


جاگرافيائي لحاظ سان ڪِنجهر ڍنڍ هڪ اهڙي هنڌ تي آهي جنهن جي آسپاس نه رڳو من موهيندڙ جابلو منظر آهن پر ڏکڻ طرف کان سهڻو سنڌو هڪ وڏو وڪڙ ڪري وهي ٿو. پري پري جي ڪوهستاني علائقن مان برساتي ڍورا ۽ نيون پلر جا پاڻي آڻي ڪِنجهر کي ڀرين ٿا. اڳ ۾ ته جهم (جهمپير) وٽان مٺا چشما به ڦٽي اچي منجهس پوندا هئا پر ماڻهن جي حرڪت جي ڪري هاڻي اهي چشما منهن موڙي ويا آهن.

Wednesday, June 17, 2020

ٻهڳڻ ٻولئَ ڌڻي شاعر اياز گل

ٻهڳڻ ٻولئَ ڌڻي شاعر اياز گل

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

روزنامي هلالِ پاڪستان جي هفتيوار ادبي صفحي ”ڏات“ (26 اپريل 2006) ۾ ڇپيل مضمون 

شاعري رڳو لفظ بازي ۽ قاعدا، قانون، تور ۽ ماپ به نه آهي، پر شاعري ته اندر مان ڦٽي نڪتل جذبن، احساسن، نڪور سوچن، امنگن جي گونجن، ڪيفيتن، فهم، فڪر، شعور ۽ تخليقي اُڏام آهي. ان جي سمورين سچاين جي اظهار کي لفظن جي سهڻي لباس ۾ سمائڻ جو نالو آهي، جيڪا پنهنجا سمورا تاثرات ڀرپور انداز سان ڏيندي، اندر جي اونهاين ۾ لهي نفيس احساسن جي نازڪ تارن کي ڇيڙي سگھي.

Monday, June 15, 2020

ڊاڪٽر بلوچ جون تقريرون

ڊاڪٽر بلوچ جون تقريرون

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي




ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ 2009ع ۾ قائم ٿيڻ سان تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جي شروعات ڪري چڪو آهي.

جڳ مشهور عالم، استاد ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو سنڌي ٻولي، علم، ادب، تاريخ، لغت، ثقافت، اساسِي شاعري، لطيفيات ۽ لوڪ ادب جي سلسلي ۾ بيمثال تحقيقي ڪم شاهڪار ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي، جيڪو پڙهندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻي وقت کان بنيادي ۽ اهم ماخذن طور ڪتب ايندو رهيو آهي ۽ رهندو. ڪتابن سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران گهڻي زماني کان لڳاتار لکيل ۽ مختلف هنڌن تي ڇپيل مقالن ۽ مضمونن کي اداري پاران سَهيڙي الڳ الڳ موضوع وار جلدن جي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ اڃان وڌيڪ اهو ڪم مختلف مرحلن ۾ آهي.

Friday, June 12, 2020

ڌرتي ڌڻين کي خبردار ڪندڙ خداداد چانڊيو

   هُئِج هوشيار خبردار

ڌرتي ڌڻين کي خبردار ڪندڙ خداداد چانڊيو


 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي 

روزنامي سنڌ ايڪسپريس جي ”سنڊي ميگ“ (2 آڪٽوبر 2016) ۾ ڇپيل مضمون 
.

       جياپي جي مڙني وسيلن سان مالا مال، سک، سرهائي ۽ سڀيتا جي لحاظ کان شاهوڪار ملڪ سنڌ هزارين سالن کان بُکين ۽ هوسي قومن جي بد نگاهن ۾ رهيو آهي. حملي آور هُن هجن يا سٿيا، چيني هجن يا يوناني، عرب هجن يا عراقي، تُرڪ هجن يا تاتاري، منگول هجن يا ازبڪ، غوري هجن يا خلجي، تيمور هجن يا تغلق، ارغون هجن يا ترخان، هراتي هجن يا فراتي، ڪابلي هجن يا قنڌاري، دهليءَ جا مغل ۽ ان جا درٻاري هجن يا ايران جا ابدالي ۽ نادري، واگهيرا هجن يا پورچوگيز، فرينچ هجن يا فرنگي (انگريز)، هلائون، حملا ۽ قبضا هڙئي ڪندا رهيا آهن.

Tuesday, June 9, 2020

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، محترم علي اصغر حسنين (ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد) جي هٿان بهترين ڪارڪردگئَ جو سرٽيفڪيٽ وٺندي




2006-07-28 - محترم علي اصغر حسنين (ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد- ريجنل سينٽر ٺٽه آفيس اچڻ تي، ڊاڪٽر محمد علي مانجھئَ کي (سندس واڌو سرگرمين جي ڪري کيس) يونيورسٽئَ پاران بهترين ڪارڪردگئَ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيو آهي.

بهارون به زخمي، اڏارون به زخمي (غزل)

YOUR YEARNINGS (POETRY)


Your Yearnings (Poetry)


Dr. Muhammad Ali Manjhi
Translated by: Jam Jamali

Your Yearnings,
Like ardent lovers,
Often ring a bell,
In my inner temple,
And ignite aloes
Whose incensed fumes
Pervade the air
Your yearnings,

Monday, June 8, 2020

سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو شاعر، محقق ۽ استاد احسن جوکيو

سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو شاعر، محقق ۽ استاد ’احسن جوکيو‘


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي




سنڌ جي جابلو پٽي کٽياڻي ( جتي هاڻي پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري آهي.)  کان ڪجھ ميلن جي فاصلي تي مالوندن جي جوءِ ”لوهيڙن واري“ (خوبصورت برساتي ڍورو جيڪو کٽياڻي جبل کان نڪري اڳتي اچي کڏيجي ئي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن ڍوري جي ٻنهي ڪنڌين سان لوهيڙي جي وڻن جون سهڻيون قطارون آھن ان ڪري اه مٿس نالو پيو.) ۾ 1936ع ڌاري هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد احسان ”احسن“ جوکيو سنڌي،فارسي،عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو، مشهور محقق، عالم، اديب، استاد، سنڌي ۽ فارسي ٻولين جو صاحب ديوان شاعر 
هئڻ سان گڏ هڪ مثالي استاد، ليکڪ ۽ مثالي انسان هو.

Friday, June 5, 2020

سچ وڏي شئي آهي

سچ وڏي شئي آهي

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


                              ڏات   وڏي   شئي   ناهي،
پر  سچ  وڏي   شئي  آهي!
۽     جو     سچ     مچائي،
سو  مچ  وڏي   شي  آهي!
                    (اياز)

سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سالگرهه جي موقعي تي آئون سڄي سنڌ، بلڪ سڄي دنيا ۾ رهندڙ انهن سڀني ماڻهن کي مبارڪ ڏيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪي شيخ اياز جا مداح آهن. جن اياز کي سنڌي، اردوءَ ۾ پڙهيو آهي يا جن سندس ترجمن وغيره جو مطالعو ڪيو آهي. آئون پڪ سان چوان ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ شيخ اياز سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ شاعر آهي. توڙي جو هو ڳايو به گهڻو ويو آهي پر کيس پڙهيو اڃان به وڌيڪ وڃي ٿو.

سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو (اڀياس)

سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو (اڀياس)


ليکڪ: جنرل ھيگ
سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو
اڀياس: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

ڪتاب “سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو” ، A study By Dr. Muhammad Ali Manjhi, Writer Journal Haig, Translated By Atta Muhammad Bhnbhro
ڪتاب ”سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو“ جو عڪس
سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو تھذيبي، تاريخي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان تمام گھڻو اھميت وارو رھيو آھي، ھن علائقي ۾ ٿرپارڪر حيدرآباد کان هيٺ بدين/جوڻ، ننگر ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جا ضلعا اچي وڃن ٿا. سنڌ جا آڳاٽا شھر وسنديون، ڪوٽ ۽ قلعا گھڻا هن علائقي ۾ رھيا آھن ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته سامونڊي بندر به هتي ئي رھيا آھن. آڳاٽي زماني ۾ ڏور ڏيهن ۾ وڻج واپار ۽ اچ وڃ سامونڊي رستن وسيلي ئي ٿيندي ھئي.

اياز جي شاعرئَ ۾ سنڌ جي دل ڌڙڪي ٿي

اياز جي شاعرئَ ۾ سنڌ جي دل ڌڙڪي ٿي


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


ڪتاب سنڌ پنجاب پاڻي مامرو

ڪتاب سنڌ پنجاب پاڻي مامرو


ليکڪ: انجينئير اوڀايو خشڪ

ٻہ اکر: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي



ڪتاب سنڌ پنجاب پاڻي مامرو جو عڪس, Written By Obhayo Khushk
ڪتاب سنڌ پنجاب پاڻي مامرو جو عڪس




The book Sindh Paunjab Pani Mamro, Sindh Punjab wate issue




من اندر جا ڳالهڙي

(Preface of “Chetaary Chayaam”, Autobiography of 

Mr. Obhayo Khushk)


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
                       
Chetaary Chayaam, an autobiography of Obhayo Khan Khushk
ڪتاب “چيتاري چيام” جو عڪس

خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته انجنيئر اوڀايي خشڪ جي آتم ڪٿا ”چيتاري چيام“ جو مسودو اڄ منهنجي سامهون آهي. خوشي جي ڳالهه ان ڪري به آهي جو پاڻ سمجهون ٿا، ته آتم ڪٿائن ۾ ليکڪ جي اندر جا احوال ته  هوندا ئي آهن ته وري جنهن سماج ۾ اهو ليکڪ پنهنجي ڄمار گهاري چڪو هوندو آهي، تنهن سماج جون ماجرائون به درج ٿيل هونديون آهن.

Wednesday, June 3, 2020

سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جو بادشاهه: پروفيسر مددعلي خواجه

سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جو بادشاهه: پروفيسر مددعلي خواجه


 ڪتاب سنديءَ آس الله


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


ڪتاب “سندئَ آس الله” جو عڪس
  ڪتاب ”سندئَ آس الله“ جو عڪس

       ڪي ماڻهو تمام وڏا انسان هوندي به پنهنجي پڏاءُ ڪرڻ کي چڱو نه سمجهندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ سچ پچ وڏا هوندا آهن، تن کي پاڻ پڏائڻ جي ڪا گهرج ئي نه هوندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اديب، استاد ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ منهنجو سائين پروفيسر مدد علي خواجه اعليٰ صفتن جو ڌڻي هو. سنڌ جي هڪ علمي، ادبي ۽ سگهارو سماجي پسمنظر واري خاندان سان تعلق رکندڙ سائين مدد علي جو والد محترم محب علي خواجه سنڌ جي لاڙ پٽيءَ جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي.

Monday, June 1, 2020

MAKLI: ITS NAME AND MONUMENTS

MAKLI: ITS NAME AND MONUMENTS


Dr. Muhammad Ali Manjhi


Makli, The City of Silence (World's Biggest Graveyard)
Makli, The City of Silence (World's Largest Graveyard)
If we have a glance at the area map of Thatta, we will see a spot containing all the historical, cultural, archaeological, and natural beauties, which is named as Makli, a branch of Khirthar Mountain. On the end of these mountains are the names like Kuro, Darrihiaro, and Khirthar which gets a shape of a junction at its end in District Dadu of Toung. Different hills are originated from this junction named Kanbhoo, Soorjannu, Denar, Kohistan and Lakki range a part of this mounding range leads towards Makli as well as towards the South and West of Sindh. Whereas, the end of the Kohistan range reaches in North East of Lakki. Map describes Makli as a remote branch of Khirthar Mountain, which passes from North to Samoi and ends at Pir Patho. 

ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ، چاڪر خان جوکيو (Chakar Khan Jokhio)

ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ،
چاڪر خان جوکيو
(Chakar Khan Jokhio)


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
             
سنڌ جن پنھنجي سورهيه سپوت پٽن تي فخر محسوس ڪري ٿي، انھن مان چاڪر خان به آهي. سنڌ ساڻيھه جو هن سورهيه، پھلوان، ارڏي ۽ غيرتمند پٽ اندازي موجب اوڻهين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ سنڌ جي (قديم) جوکيا قبيلي جي شخص دوست علي جوکيي جي گهر ۾ جنم ورتو. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جڏهن سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، تڏهن سندس عمر لڳ ڀڳ ٽيھارو کن سال مس هوندي. ان زماني ۾ انگريزن سان سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي بچاءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئا. انهن بيشمار ڌرتيءَ جي حلالي پٽن ۾ چاڪر خان جو نالو نمايان ۽ اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي.