Sunday, July 19, 2020

گھايل مَنَ جا گيت (خاموش عباسئَ جي شاعري، ليکڪ: ڊاڪٽر محمد علي مانجھي)

گھايل مَنَ جا گيت - خاموش عباسئَ جي شاعري


(جنم: 1935ع - وفات: 1996ع)
ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘

   سنڌ ملڪ جو ننگر ٺٽي وارو علائقو سدائين سُکيو ۽ سَرهو رهيو آهي، ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيب، تمدن، انساني ارتقا، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي لحاظ سان گهڻو اهميت ڀريو رهيو آهي. ننگر ٺٽي جو هڪ من موهيندڙ ماڳ اهڙو به آهي، جنهن ڏانهن اسان جي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جي نگاهه نه وئي  آهي، سو آهي چِليا جتي سنڌو سڀيتا جا قديم آثار  اڄ به تحقيق ۽ سمجهڻ لاءِ سڏي رهيا آهن. سنڌ ساڻيهه جي ٻين ڪن روح ڇڪيندڙ هنڌن وانگر هن ماڳ جي مٽيءَ ۾ هزارين سالن جي مھڪ سمايل آهي.


 هتي به قديم آثارن کان سواءِ ڪيئي سرجڻھار، سورهيه، سرويچ، سڌورا، ساڻيھه ۽  ساڻيھه وارن جي سُونهن سان عشق ڪندي، ڪي اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏي ويا آهن. علائقي ۾ ’سونھڻيءَ جي لٺ‘ ، ’ساري جي بُٺي‘ لوڪ ادب جو سهڻُو شاعر موريو فقير، پنهنجي جيجل سنڌ جي ٿڃ ملهائيندڙ ليمي پاتڻيءَ جهڙا غيرتمند ۽ مٿير مڙس ٿيا هجن، سو ماڳ ڪو گهٽ ته ڪونه هوندو....!!؟؟ ذڪر ٿي چڪو آهي ته اهو سهڻو ۽ سدا سائو ماڳ آهي چِليا. چِليا سنڌ جي لاڙ جو اهو هنڌ آهي، جتان درياهه بادشاهه سنڌو سدائين اوڀر کان ايندي، پوءِ ڏکڻ ۽ اولهه پاسي کان هڪ وڏو وڪڙ ڏيئي وهندو رهيو. گهڻو وقت اڳ ۾ سنڌو ته اهو وهڪرو تبديل ڪري ويو، ته پوءِ وري تنهن زماني ۾ تڪڙو ئي سنڌ جي دولهه درياخان ’خان واهه‘ کوٽائي، اها پورت ڪئي هئي. وهڪري واري انهيءَ هنڌ تان توڙي جو درياهه پنهنجي لهرن جون اُهي مستيون ته کسي ويو پر سونَ روپو ريٽ ڇڏي، سڄي علائقي کي سدائين لاءِ زرخيزي بخشي ويو. اهو ئي سبب آهي جو گهڻي زماني کان اتي هاڻ سايون ٻنيون ٻھڪنديون رهيون آهن.چليا جي اتر طرف وري سنڌ ڏيهه جون قرب ڪهاڻيون پاليندڙ ڪِنجهر ڍنڍ اڄ به ڪپرن تائين ڇُلندي، اوسا پاسا ڀاڪرن ۾ ڀريندي، اچي چليا کي چمندي آهي. جتي سدائين رنگينيون کڙنديون رهيون آهن. سچ پچ ته هتي سدائين سھڻا گل کڙندا ئي رهيا آهن. هن علائقي ۾ گلن سان گڏ ڪيترائي گلن جهڙا ماڻهو به موهيندا ۽ واسيندا رهيا آهن. آڳاٽيون ڳالهيون هڪ پاسي رکي مُني صديءَ تي نظر ڦيربي ته هتي ٻن شاعرن جي شاعريءَ جي سُرهاڻ واسبي ملندي، اهي آهن محسن عباسي ۽ خاموش عباسي. هتي اڄ پاڻ ذڪر ڪنداسين خاموش عباسيءَ جو. محمد يوسف ’خاموش‘ عباسي جنهن شاعريءَ جي دنيا ۾ نه ڄاڻ ڪهڙي راز جي ڪري پنهنجو تخلص ئي ’خاموش‘ رکيو. ’خاموش‘ عباسي جنهن جو جنم هن قديم ڳوٺ چليا ۾ ٿيو. جنهن پنهنجي ٻاروتڻ ۽ جرڪندڙ جئاڻيءَ جا ڏينهن به چليا ۾ ئي گهاريا. تڏهن ئي ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جون هلڪيون ڇلڪندڙ ڇوليون به آهن. پر سندس سڀاءُ ۾ سنڌوءَ جي لهرين جو شور نه پر نِوائي ويل واري خاموشي آهي. جھڙو اٿس تخلص تھڙو ئي عام طور تي به گهڻو خاموش هوندو آهي. البت سندس شاعريءَ ۾ ڪي ڪهاڻيون ضرور ملن ٿيون. ’خاموش‘ عباسي جنھن زندگيءَ جو وڏو پويون اڌ ننگر ٺٽي ۾ گهاريو، تنهنجي شاعريءَ ۾ چليا سان گڏ ننگر ٺٽي جي نينھن جو سواد ڪجهه سوايو آهي. هتي ئي عشق جي راز جا سندس شاعريءَ ۾ ڪي آواز موجود آهن. جڏهن سندس دل ۾ چاهت چڻنگون دکايون تڏهن پاڻ ئي خاموشي ٽوڙيندي چيو هئائين ته:


دُکيون دل اندر تنهنجي چاهت جون چڻنگون
سُڻِي موٽ ساجن تون دل جون صدائون.

سدائين خاموش ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ئي رهندڙ ’خاموش‘ عباسيءَ کي جڏهن اتر جون هوائون اڪيلائيءَ جو احساس ڏياريندي گهائي ٿيون وجهن تڏهن چئي ٿو ته:

لڳا سر اتر مست موسم جون مستيون
جدائيءَ جون ڪن جيءَ کي گهائل گهٽائون.

۽ پوءِ ڏاڍي سادگيءَ سٻاجهائيءَ سان پنهنجي سڄڻ کي عرض ڪندي چئي ٿو ته:

ملي وڃ آ ’خاموش‘ موسم ملڻ جي،
لکين ڪرم تنهنجا ۽ تنهنجون دعائون.

پنهنجي محبوب جي ملڻ لاءِ ’خاموش عباسي‘ ڪيئن نه لکين دعائون گهري ٿو.  جيڪو نه رڳو روپ سهڻُو آهي، پر سندس ناز، ادائون ۽ ڪي گَتون ۽ گُڻ به ڏاڍا سهڻا ۽ موهيندڙ آهن. انهيءَ سلسلي ۾ سندس هڪ غزل جا هيٺيان بند پڙهڻ وٽان آهن:

نه ڪنهن جي ٻڌي ٿو، نه ڪنهن جي سڻي ٿو
مگر منهنجي هڪ هڪ خطا هو ڳڻي ٿو
فضا تي سراسر سحر ۽ سرور
جڏهن محب مرڪي نگاهون کڻي ٿو

لياڪا وجهي، لوڪ کان منهن لڪائي
نهارڻ جو نازڪ نظارو وڻي ٿو

’خاموش‘ پنهنجي غزل ۾ پنهنجي زندگيءَ جي راز ۽ جواز جو تعلق به پنهنجي محبوب سان سلهاڙيو آهي، تڏهن ئي ته چوي ٿو ته:

ڄڻ ٽٽل ڪنهن ساز جي ڪا تار آهي زندگي

تو بنا منهنجا مٺا، بيڪار آهي زندگي

تو پکيڙيا زلف پنهنجا، رُڃ اندر راحت ملي

هير ٿڌڙي ٿي شروع ٿڌڪار آهي زندگي

هي ملاقاتن جا منظر، چيٽ هي چانڊوڪيون

سَرنهن جي ساوڪ، سُڳنڌ هٻڪار آهي زندگي

’خاموش‘ جي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري مايوسي نه ملندي، ملندي ته زندگيءَ کي اُتساهيندڙ آواز جي پرواز ملندي. سندس هن غزل جي هر بند ۾ زندگيءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي:

هي حياتي موت مستن لاءِ ناهن مسئلا
منٽ هڪ توسان ملان درڪار آهي زندگي

هي  پنهنجي شاعريءَ ۾ فقط محبوب کان سواءِ ئي زندگيءَ کي ڏکيرو محسوس ڪندي چئي ٿو ته:

بي لطف بي رنگ آهن، محفلون توبن اداس
پُر خطر ’خاموش‘ ۽ پُر خار  آهي زندگي

سندس شاعريءَ ۾ عيد جي ڏينهن جو اچڻ به جيءَ جي جذبن سان سلهاڙيل آهي. هي پاڻ عيد جي ڏينهن کي عام نظر کان مختلف انداز سان ڏسندي هڪ هنڌ چوي ٿو ته:

ياد آيا اڄ وري ساڳيا نظارا عيد ڏينهن

چاهتن جا دل ۾ چمڪيا چنڊ تارا عيد ڏينهن

زندگيءَ جا ٽهڪ موٽائي ڏيڻ وارا وري

بي سهارن جا اچن من ڪي سهارا عيد ڏينهن

گهاءُ گهرا دل اندر ’خاموش‘ ٿيندا ٿي ويا

آسرن جا گل ٽڙيا اڄ کوڙ سارا عيد ڏينهن

نج  ٻولي ۽ ٻوليءَ جي سادگي، بيساختگي ۽ نفاست ’خاموش‘ جي شاعريءَ جون خاص خوبيون آهن. سندس شاعري ان ڳالهه جو مثال آهي. هو هڪ غزل ۾ بِنهه سادن لفظن ۾ چئي ٿو ته:

مون ته سمجهيو روح جا رشتا ختم ٿيا خير ٿيو
پر پکيڙي پنهنجا ڀاڪر عيد ڏينهن آيو ته هو

درد غم دل کي ڏيئي پوءِ هن چيو مان بيقصور
مُنهن تي مڃرائڻ جو ماهر عيد ڏينهن آيو ته هو

’خاموش‘ عباسي پنهنجي شاعريءَ ۾ محبوب جي جدائيءَ ۾ ڳوڙها ڳاڙي ڳرڻ بدران ساڻس ڀاڪر ڀري ملڻ کي بهتر ٿو سمجهي ۽ ميت جي تمنا، سندس گيت بڻجي اُڀري ٿي:

پاڻ نڀايون پنهنجا رشتا
پنهنجون سوچون، پنهنجا سپنا
پنهنجون آسون، پنهنجا اُڌما
رڻن اندر ڇو روليون سائين!

پيار امر آ پنهنجو پيارا
پھر گهڙيون ڪي گڏجي گهاريون
خوابن ۾ ۽ خيالن ۾ ڇو
هڪ ٻئي کي پيا ڳوليون سائين!

ماٺ ۾ ساري موسم گذري
ريت ڇڏيون ’خاموش‘ رهڻ جي
گهايل من جا گيت سڻائي
 راز دلين جا کوليو سائين!

انساني سُونھن، جُئاڻي ۽ محبوب جون ادائون ته هر شاعر لاءِ صدائون رهيون آهن ۽ عشق به ته شاعريءَ لاءِ مشڪ رهيو آهي، پر سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي سچار سرجڻهارن وانگر سنڌي ٻوليءَ جو هي شاعر ’خاموش‘ مون کي گهڻو ڪري سنڌ ساڻيهه جو عوامي شاعر محسوس ٿيندو رهيو آهي. اسان ڪيترائي سال ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي گڏ رهياسين. مون اُتي محسوس ڪيو ته هو تڪڙو ڪاوڙجڻو ۽ تڪڙو ئي پرچڻو انسان هو. هڪ ڀيري مون جڏهن سندس شاعريءَ تي ڪو رايو ڏنو ته نه ڄاڻان ڇو ڪجهه ڏکيو محسوس ڪري. چھري مان ڪاوڙ بَکايائين پر ٿورڙي ئي دير کان پوءِ وري به منهنجي انهيءَ راءِ سان سھمت ٿي سرچي پيو.  پنهنجي ڄمار جو ڊگهو عرصو پرائيمري استاد جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيئي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به هو مون کي هڪ پرائيمري استاد ئي لڳندو هو ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه لڳندو هو ته لوڏان ئي هڪ شاعر لڳندو هو.

سنڌ ڌرتي، سنڌي ٻولي، سنڌي ماڻهو، سنڌ جي سونهن، سنڌ جون وٿون، سنڌ جا سُک، ڏک ۽ ڏکوئيندڙ حالتون ’خاموش‘ عباسيءَ جي شاعريءَ جا خاص موضوع رهيا. ترقي پسند قومي سوچ رکندڙ  هن شاعر جي شاعريءَ ۾ سنڌ ساڻيهه جي سار ۽ سنڀار سمايل آهي، تڏهن ئي ته ڌرتيءَ جي دردن تي دُکي ٿيندي،  پاڻ ئي چئي ٿو ته:

سنڌ امڙ جي سيني تي مون هيڏا قهر ڪلور ڏٺا
انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا سڀ مارو ۽ مزدور ڏٺا

سنڌڙيءَ جا سرويچ هزارين، سوري جن لئه سيج بڻي
منهن مقابل موت سان ٿيندي، مانجهي منصور ڏٺا

ماٺ ڪري مان ڪيئن وهان، ’خاموش‘ رهان ڪهڙيءَ ريت
انگ نرالا هن ديس جا مون دستور ڏٺا.

جنهن به شاعريءَ ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ سان پيار ۽ اُن جو درد نه آهي، اها شاعري پٿر جيان آهي جنهن ۾ نه ساءُ نه سواد. ’خاموش‘ وٽ پنهنجي ڏيھه سان بي پناهه پيار آهي. هو جڏهن پنھنجي ڌرتيءَ جي بربادي ڏسي ٿو ته وڏي آواز چئي ٿو ته:

ڌرتيءَ جي هن دامن ئي ٿي طلسم ڪئين تاراج ويا
ڪاڪ محل سڀ ڪرندا ويا، مون ڀسم هتي ڀنڀور ڏٺا

’خاموش‘ ڏکوئجي، ڀٽائيءَ جي در تي فريادي ٿيندي عرض ٿو ڪري ته:

اڄ به ڪونڌر ٿا ڪسجن ۽ ڪنڌ تي ڪاتيون لطيف
ٿا سڙن سينا اسان جا، ٿيون ڇڄن ڇاتيون لطيف
سنڌ سورن ۾ سائين! پيئي وڃي واڳن جي وات
ٿا پڪارين سڀ قبيلا قوم ۽ ذاتيون لطيف

’خاموش‘ عباسي جنهن جو جنم ڪِنجهر جي ويجهو ئي ٿيو، تنهن پنهنجي ڪويتائن ۾ سنڌ ساڻيهه جي هن تاريخي ۽ سُھڻي ڍنڍ کي ڏاڍي پيار سان پويو آهي. چوي ٿو ته:

روپ محل ۽ روپا ماڙيون، تڙ تماچي ڪينجهر ڪيڏيون،
لهر لهر مان لاتيون اُڀريون، نوريءَ جا مون نور ڏٺا.

هن شاعر کي ته  عيد جي ڏهاڙي تي به ڪِنجهر ٿي ياد اچي:

اڄ تماچي تڙ ڌڻيءَ جو نينهن نوريءَ جو نياز
ٿا ڏيارين ياد ڪينجهر جا ڪنارا عيد ڏينهن

۽ ٻئي هنڌ چئي ٿو ته:

هليا روهه رڻ مان پکيئڙا پياسي
اچي ماڳ منڇر ۽ ڪينجهر ڪيائون

سنڌو جنهن سان اسان جي ڌرتي ۽ حياتيون سلهاڙيل آهن، جيڪو اسان جو جياپو آهي. انهيءَ سهڻي سنڌوءَ جي اڳوڻي اوج جو ذڪر به ’خاموش‘ ڏاڍي سُٺي نموني سان ڪيو آهي.

ڪپر ڪنارا ٻيلا ٻوڙي دريا ٿي پيو دهشتناڪ
تيز هوا طوفان ۾ لهرون حشمت واريون هيبتناڪ

دور پکيڙي پنهنجو دامن هڙپ ڪندو ويو هر هڪ باغ
ڳوٺ ننگر ۽ بستي بستي دريا شاهه جي آهي ڌاڪ

ريٽ اُڏاڻا راهن ۾، ٿي واٽون واري واري هئي
موجن ات آ مهم هلائي، سوڪڙ جا ٿيا سينا چاڪ

مست جواني جوڀن ماڻي، سنڌو جهڙو سمنڊ اجهاڳ
دهشت ڌم دريا ۾ آهي، ڏاڍي حشمت ڏاڍي هاڪ

ها! سنڌو جنهن تي ئي هن ڌرتي ۽ هن ڌرتيءَ جي هر جِيوَ جو جياپو آهي. ساريون سَرهايون ۽ سُڳنڌون، پيار، محبتون، عشق، مرڻ، جيئڻ به هن دادلي درياهه سان آهن. سدائين سک آڻيندڙ هن سنڌوءَ تي ويجهڙ ۾ جڏهن ڌاڙو لڳو ته به ’خاموش‘ عباسي خاموش رهي نه سگهيو ۽ دل جي گهراين سان ڌرتيءَ جي پڪار سندس شاعريءَ ۾ سمائجي وئي:

نه دهشت نه ڌوڪو، نه ڪائي اٿل
ڏسان پيو آ سنڌوءَ جو سينو سُڪل

سوين باغ برباد بستيون اُجڙ
سُڪن ۽ سڙن قيمتي پيا فصل

نوان ڊيم، نئين سِر نيون سازشون
سڀئي سنڌ دشمن ارادا عمل

ڪريون پھه پتنگ جان، وطن سان وچن
ڪري ياد هوشوءَ جي همت هڪل

’خاموش عباسي‘ وٽ سُٺا ۽ سگهارا موضوع ته آهن ئي پر وٽس شاعريءَ ۾ فڪر سان گڏ فن به آهي. سندس شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته پاڻ فني لحاظ سان به چڱو شاعر آهي. ننڍڙيون ننڍڙيون ۽ سادڙيون تشبيهون ۽ وڻندڙ استعارا. مٺي ٻوليءَ جا مٺڙا مٺڙا محاورا وغيره به سندس شاعريءَ جون خوبيون آهن. مٿين ڳالهين سان گڏوگڏ وٽس تجنيس به آهي، جنهن جي ڪري ’خاموش عباسي‘ جي شاعريءَ ۾ رواني به چڱي ۽ وڻندڙ آهي.

آخر ۾ ’خاموش عباسي اڪيڊمي‘ جي سنڀاليندڙن کي اهو ضرور چوندس ته اوهان خاموش جي اڄ پهرين ورسي ملهائي، کيس ياد ڪيو آهي، اها پڻ چڱي ڳالهه آهي پر سڀ کان اهم ڳالهه هِيءَ آهي ته ’خاموش‘ جي ڪلام کي سَھيڙي، سنواري، ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي، نه ته هن شاعر جي شاعري به ٺٽي جي ڪيترن ئي شاعرن وانگر نيٺ اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويندي.

(ماهوار ڪينجهر نمبر 72، حيدرآباد، جولاءِ 2001ع ۾ ڇپيل)

1 comment:

  1. Zabardast I am proud of my grand father Yousuf (khamosh) abbasi

    ReplyDelete