Wednesday, June 3, 2020

سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جو بادشاهه: پروفيسر مددعلي خواجه

سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جو بادشاهه: پروفيسر مددعلي خواجه


 ڪتاب سنديءَ آس الله


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


ڪتاب “سندئَ آس الله” جو عڪس
  ڪتاب ”سندئَ آس الله“ جو عڪس

       ڪي ماڻهو تمام وڏا انسان هوندي به پنهنجي پڏاءُ ڪرڻ کي چڱو نه سمجهندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ سچ پچ وڏا هوندا آهن، تن کي پاڻ پڏائڻ جي ڪا گهرج ئي نه هوندي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اديب، استاد ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ منهنجو سائين پروفيسر مدد علي خواجه اعليٰ صفتن جو ڌڻي هو. سنڌ جي هڪ علمي، ادبي ۽ سگهارو سماجي پسمنظر واري خاندان سان تعلق رکندڙ سائين مدد علي جو والد محترم محب علي خواجه سنڌ جي لاڙ پٽيءَ جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي.

Monday, June 1, 2020

MAKLI: ITS NAME AND MONUMENTS

MAKLI: ITS NAME AND MONUMENTS


Dr. Muhammad Ali Manjhi


Makli, The City of Silence (World's Biggest Graveyard)
Makli, The City of Silence (World's Largest Graveyard)
If we have a glance at the area map of Thatta, we will see a spot containing all the historical, cultural, archaeological, and natural beauties, which is named as Makli, a branch of Khirthar Mountain. On the end of these mountains are the names like Kuro, Darrihiaro, and Khirthar which gets a shape of a junction at its end in District Dadu of Toung. Different hills are originated from this junction named Kanbhoo, Soorjannu, Denar, Kohistan and Lakki range a part of this mounding range leads towards Makli as well as towards the South and West of Sindh. Whereas, the end of the Kohistan range reaches in North East of Lakki. Map describes Makli as a remote branch of Khirthar Mountain, which passes from North to Samoi and ends at Pir Patho. 

ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ، چاڪر خان جوکيو (Chakar Khan Jokhio)

ڏاڍن (انگريزن) کي ڏاريندڙ،
چاڪر خان جوکيو
(Chakar Khan Jokhio)


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
             
سنڌ جن پنھنجي سورهيه سپوت پٽن تي فخر محسوس ڪري ٿي، انھن مان چاڪر خان به آهي. سنڌ ساڻيھه جو هن سورهيه، پھلوان، ارڏي ۽ غيرتمند پٽ اندازي موجب اوڻهين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ سنڌ جي (قديم) جوکيا قبيلي جي شخص دوست علي جوکيي جي گهر ۾ جنم ورتو. روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جڏهن سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، تڏهن سندس عمر لڳ ڀڳ ٽيھارو کن سال مس هوندي. ان زماني ۾ انگريزن سان سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي بچاءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئا. انهن بيشمار ڌرتيءَ جي حلالي پٽن ۾ چاڪر خان جو نالو نمايان ۽ اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي.

Monday, May 11, 2020

مقالاتِ عزيز (Maqalat e Aziz)

مقالاتِ عزيز  (Maqalat e Aziz) 

Written By: Mr. Aziz Jaferani



سھڙيندڙ: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

ڪتاب “مقالاتِ عزيز جو عڪس
  
 سنڌ ساڻيھه جي مشھور استاد، عالم ۽ محقق سائين عزيز جعفراڻئَ جو ڪتاب ”مقالاتِ عزيز“ ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. وسيع مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ سائين عزيز جي ڪتاب تي لکڻ کان اڳ ۾ بهتر سمجھان ٿو ته سندس علمي ۽ ادبي زندگئَ جو مختصر نموني سان احوال ڏجي. ڏٺو وڃي ته جن محققن سنڌ جي لاڙ واري علائقي تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، انهن محققن ۾ عزيز جعفراڻئَ جو نالو به اچي ٿو.

Sunday, May 3, 2020

سنڌ جو بي مثال مورخ ۽ محقق: پير حسام الدين راشدي (Pir Hasam Ud Din Rashidi)

سنڌ جو بي مثال مورخ ۽ محقق: پير حسام الدين راشدي

 (Pir Hasam Ud Din Rashidi)



مانوارو پير حسام الدين راشدي

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

 قومون پنهنجي تهذيبن، ثقافتن، عظيم ڪردارن ۽ مثالي ماڻهن سان سڃاتيون وينديون آهن. سنڌ جيڪي عظيم انسان پيدا ڪيا آهن انهن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو نالو بنهه نمايان آهي، جنهن دنيا ۾ سنڌ جي تهذيب، تاريخ، ثقافت، علم، ادب ۽ فن کي متعارف ڪرائڻ ۾ هڪ مثالي تحقيقي ڪم ڪيو. هو هڪ بي مثال مورخ، محقق ۽ سنڌ شناس هو. راشدي صاحب جهڙا تاريخدان ۽ محقق بنيادي طور وطن ۽ قوم جو اثاثو هوندا آهن ۽ اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته راشدي صاحب سنڌ جو هڪ قومي اثاثو آهي. 

Thursday, April 30, 2020

جنھن ڏس ڏنا ڏاھپ جا (محمد ابراهيم جويو- Muhammad Ibrahim Joyo)

جنھن ڏس ڏنا ڏاھپ جا (محمد ابراهيم جويو)

Muhammad Ibrahim Joyo



ڊاڪٽر محمد علي مانجھي



دنيا جي ھر قوم، ملڪ ۽ علائقي ۾ ھميشه ڪي غير معمولي انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن. جن اُتي جي ملڪ ۽ قوم تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آھن، جن انھن ملڪن ۽ قومن جون ڪايائون تبديل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آھي. ھر قوم ۾ اھڙا عظيم انسان پيدا ٿيندا رھيا آھن، جو جن جي نالي وٺڻ سان ئي انھن قومن جي ھر فرد جا فخر مان ڳاٽ اوچا ٿيندا رھيا آھن ۽ قوم جي ھر فرد جي دلين ۾ مھانتا جا احساس اُڀرندا رھيا آھن. ھر قوم ۾ اھڙا سرجڻھار، سچار ۽ ڏاھا پيدا  ٿيا آھن جن انھن قومن جي تھذيب ۽ تمدن جي اوسر ۾ وڏي مدد ڪئي آھي. ھنن وقت جي رفتار کان به اڳتي وڌي پنھنجا ھٿ ونڊايا آھن. جن قومن جي بقا، سلامتي، سرھائي ۽ سکيائي لاءِ ته پاڻ پتوڙيو آھي پر قوم جي انساني ذھن جي ارتقا جي اوسر لاءِ پنھنجي ڏاھپ ۽ دانائئَ وسيلي وڏي جاکوڙ ڪئي آھي. جن قومن جي شعور جي ارتقا جا ڏاڪا چڙهڻ لاءِ فردن جي چيچ مان جھلي مٿي چاڙھيو آھي. جن قوم ۽ ڌرتي جي خوشحالي، امن، آجپي، ٻولئَ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندي پنھنجون ڄمارون ارپي ڇڏيون آھن.

Sunday, April 26, 2020

سنڌ جو حلالي پٽ مريد جت - The Real Son Of The Sindh- Mureed Jutt

سنڌ جو حلالي پٽ مريد جت

The Real Son Of The Sindh - Mureed Jutt

 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


گھگھيليءَ جي گارتان، ڪريان ڪٽاريءَ گهاءُ،

مرزا صالح ماريان،ٻي نه ڪـــــــــريان ڪاءِ،ِ

هيءُ بيت نه  رڳو خوبصورت ۽ فڪري لحاظ سان اعليٰ مقصد رکندڙ آڳاٽي شاعري آهي پر سنڌ جي هڪ حلالي پٽ جو پنھنجن ننگن جي حفاظت ڪرڻ ۽ مٿن هٿ کڻندڙ ظالمن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هماليا کان هزارين ڀيرا سگهارو وچن آهي. هيءُ بيت سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سچائيءَ جي وچن جو هڪ اعلٰيٰ انداز ۽ مثال آهي. مٿيون سون سَرکيون سٽون سنڌ جي صدين جي تاريخ جي سچائيءَ جي اها صدا آهي، جيڪا اڄ به سنڌ جي آزاد فضائن جي بيدار ڪندڙ گونج آهي ۽ رهندي. هيءُ بيت قومي غيرت، سچائي ۽ وفا جو اهو اعليٰ درس آهي جيڪو اسان ۽ اسانجي نسلن لاءِ اُتساهه آهي ۽ رهندو. هي بيت سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ قومي غيرت جو دستاويز آهي. هيءُ بيت سنڌ وطن جي سچي سپوت مريد بلوچ جو سنڌ جي ننگن سان اهو وچن آهي، جنھن تي اسين جيترو به فخر ڪريون سو ٿورو آهي.

Saturday, April 25, 2020

( History of Indus Civilization) سنڌو سڀيتا جي صدا

سنڌو سڀيتا جي صدا

History of Indus Civilization


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

        سنڌو سڀيتا دنيا جي قديم ترين سڀيتائن مان هڪ مڃيل شاهوڪار سڀيتا آهي. مُهين جو دڙو، لاکين جو دڙو، آمري، ڪوٽ ڏيجي، ڪاهوءَ جو دڙو، رني ڪوٽ، ڀنڀور، ڪوٽ گل مير، ڪافر ڪوٽ، مجيراءِ، ٻڌڪا، ٿرڙو،  ساريجي لاهري ۽ ڏلهه ته گھڻو مشهور آهن (جن کي ساري دنيا نه رڳو قدر ۽ احترام سان ڏسي ٿي پر دنيا جا ماهر تحقيقون ڪن ٿا) پر سڄي سنڌ ۾ ٻيا به سوين آثار اڄ به موجود آهن جيڪي عظيم سنڌو سڀيتا جا گواهه آهن. عيسوي سن کان پوءِ ويندي انگريز دور تائين جا ڪيترا ئي ماڳ، مڪان، آثار ۽ مقبرا اڃا به موجود آهن جيڪي اسان جي تهذيب، تاريخ، فن،ڪاريگري ۽ اعليٰ ذوق جا اهڃاڻ ۽ گواهه آهن.

سُهڻي / سُونهڻيءَ جي لَٺِ (بُٺي) (Suhani Ji Lath - Stick (An Archeological Site

سُهڻي / سُونهڻيءَ جي لَٺِ (بُٺي)

(Suhani Ji Lath - Stick (An Archeological Site



ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

Dr Muhammad Ali Manjhi at (Suhani Ji Lath - Stick (An Archeological Site)


سنڌ ساڻيهه جي قديم پرڳڻي ٺٽي جو آڳاٽو علائقو چليا قديم آثارن ۽ تاريخ جي لحاظ کان هڪ اهڙو علائقو آهي،جنهن جي ٽڪرين جي ڀاڪر ۾ قديم ’جھول ڍنڍ‘ به موجود آهي ته ڪلريءَ جي پراڻي پيٽ ۾ ’کوهي ڍنڍ‘ به موجود آهي. جتي جھول ڍنڍ ڪناري ڄام تماچيءَ جي ’جھول ماڙيءَ‘ جا آثار به آهن، ته ٻروڙي چاڙهيءَ جي ڏکڻ ۾ سنڌوءَ ڪناري سان ٽڪريءَ جي ويجهو قديم ’ڪوٽ گل مير‘ جا نشان به موجود آهن. جتي هتان سنڌ جي ڪوهستاني علائقن کان ٿيندو ايران ۽ ٻين ملڪن تائين ويندڙ قديم رستي جا ڦٽل آثار به آهن، ته شاهه لطيف واري پراڻي پيچري جا سَنڌا اڃا به موجود آهن.

Friday, April 24, 2020

سنڌ جو هڪ وساريل سورهيه: ليمون پاتڻي

سنڌ جو هڪ وساريل سورهيه: ليمون پاتڻي

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

سنڌ ساڻيهه هر دور ۾ گھڻائي اهڙا غيرتمند ۽ بهادر ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن تي جيترو به فخر ڪجي سو گھٽ آهي. ننگر ٺٽي جي قديم علائقي جو ليمو پاتڻي به اهڙن انسانن مان هڪ آهي، جنهن وڏي ڄمار ۾ هوندي به نه رڳو پاڻ ملهايو پر سندس ڪردار اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي. سندس چيل آخري هيٺيان لفظ جڏهن جھونا ٻڌائيندا آهن تڏهن سچ پچ لڱن جا وار ڪانڊارجي پوندا آهن.
  ”ابا! منهنجو موت سجايو ٿيو، جو آئون ته هُونئن ئي مرڻ ڪنڌيءَ تي هئس.... چڱو ٿيو، جو ٻن گورن (انگريزن) کي ته پورو ڪيم، جيڪي هتي الائي ڪهڙا هاڃا ڪن ها... پر... هُن غدار مان به جند سدائين لاءِ ڇُٽي پئي....“(1)

سنڌ تان سر گھوريندڙ هوشو

سنڌ تان سر گھوريندڙ هوشو

ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


       سنڌ تي ڌارين جي حملن جي تاريخ ڏاڍي آڳاٽي آهي. معلوم ٿيل تاريخ موجب سُکاري سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون مختلف وقتن تي هزارين سالن کان ٿينديون رهيون آهن. عربن جي حملي، قبضي ۽ ڪافي سال حڪمراني ڪرڻ کانپوءِ وري سنڌي ماڻهو آزادي ۽ پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ پنج ڇھ سوء سال سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪئي

سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي

سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


ڇھ ماهي تحقيقي جرنل ”بلاول“ جي  (جنوري - جون 2010) واري اشاعت ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس 


      سنڌ ڪيترائي سورهيه ۽ سپوت پيدا ڪيا آهن، جن ساڻيهه جي سلامتيءَ لاءِ آخري پساهن تائين جهيڙيو آهي. جن پنهنجي ديس جي دنگ ۽ ننگ جي تحفظ لاءِ سر ڏيئي ساک بچائي آهي. سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي به اهڙن عظيم انسانن مان هئا جيڪي وطن تي سر ڏيئي سرها ٿيا.

پشتو ٽپي ۾ سنڌوءَ جو ذڪر

پشتو ٽپي ۾ سنڌوءَ جو ذڪر


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


ٽماهي علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالي ”تخيل“ (مارچ 2016)  ۾ ڇپيل مضمون جو عڪس 


          ٽپو پشتو جي لوڪ شاعري آهي. لوڪ شاعري جنهنجو ڪو به هڪ شاعر نه هوندو آهي. اها سڄي قوم جي شاعري هوندي آهي. اُن ۾ ڪنهن به قوم جي سڀني فردن جا احساس، جذبا، ڪيفيتون، اڌما، امنگون ۽ خواهشون رچيل هونديون آهن. لوڪ شاعري جيڪا صدين جي رچاءَ ۽ رياض کان پوءِ سٽن \ ٻولن جو روپ وٺندي آهي ۽ سڄي قوم جي اظهار جو آواز بڻبي آهي. اُن جي هر سٽ لکين بلڪ ڪروڙين ماڻهن جي ترجماني هوندي آهي.

جهول ماڙي


جهول ماڙي

 ڊاڪٽر محمد علي مانجھي


        سنڌ ملڪ ماضيءَ ۾ گهڻو سکيو ستابو رهيو آهي، تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان به گهڻو مانائتو ۽ مٿانهون رهيو آهي. اڄ به ڪيترائي قديم ڪوٽ، قلعا، محل، ماڙيون، بهترين رٿابنديءَ تحت جوڙيل شهر ۽ وسنديون، هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ جا چٽا ثبوت ڏين ٿيون. سنڌ ساڻيهه جي ٻين هنڌن وانگر ننگر ٺٽي وارو علائقو به انهيءَ لحاظ کان گهڻو اڳڀرو رهيو آهي. اڄ به اونگر، ٻڌڪا، جهرڪ، مهاجي راءِ ڪوٽ، سونڊا، سونهري، هيلايا،پليجاڻو، ڪينجهر ڪنارن تي ڪوٽن، قلعن، محلن ۽ ماڙين جا نشان، هيم ڪوٽ،رود مڪان،جنت واريون بٺيون، پليجاڻو، چليا، جهول وارو ٺڪراٺو، جهول ماڙي، مڪلي،ساموئي، هالاٺ، ڪلاڪوٽ، گجو، ڀنڀور، پير پٺي وارو ديول، محمد طور، رڙي، نند ڪوٽ، رتو ڪوٽ، قديم سامونڊي بندرن ۽ ٻين ماڳن مڪانن جا آثار اڃان تائين به ڏسڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ موجود آهن.

Wednesday, April 22, 2020

(Majirae - An Archeological Site) ماجيراءِ

(Majirae - An Archeological Site)  ماجيراءِ


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي



(Majirae – An Archeological Site)

سنڌ ساڻيھ آڳاٽي سڀيتا جي لحاظ کان گھڻو شاهوڪار رهيو آهي. هزارين ته ڪي لکين سالن کان سنڌ پنهنجي سيني تي مختلف دورن جي ماڳن جا ڪئين آثار اڃا سانڍيندي اچي. انهن ماڳن ۾ ڪي اهڙا ماڳ به آهن، جيڪي مختلف دورن تي مشتمل آهن. انهن مان هر دور هزارين سالن تي مبني آهي. اهڙن ماڳن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌئَ سان گھڻي زماني تائين آباد رهندڙ درياهي بندر ۽ شهر جھرڪ کان 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ماجيراءِ جي نالي سان ٽڪرئَ وارا موجود آثار به آهن.

ڪوٽ مير گل

ڪوٽ  گل مير

محمد علي ’مانجهي‘


 سنڌ ساڻيهه تهذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان مشهور رهيو آهي. سندس اهڙي شاهوڪاريءَ جون شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ موجود آهن. توڙي جو ڪيترائي آثار مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي چڪا آهن، پر جيڪي باقي وڃي بچيا آهن، انهن جي سنڀال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙن آثارن ۾ ’ڪوٽ گل مير‘ به آهي.

ٿرڙو ٽڪري

ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘


سنڌ ساڻيهه قديم دور ۾ تھذيب، تمدن، ثقافت، علم ۽ ادب جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار رهيو آهي. اهڙيون گهڻيون ئي شاهديون اڄ به قديم آثارن جي شڪل ۾ هنڌين ماڳين موجود آهن. قديم آثارن جي لحاظ کان سنڌ، دنيا جي انهن چند ملڪن مان هڪ آهي، جتي نه رڳو گهڻا هنڌ آهن، پر آڳاٽي ۾ آڳاٽا ماڳ به آهن. اڄ به موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿيل هتي جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، اڏاوت ۽ آڳاٽي لکت ڏسي دنيا حيران آهي. سنڌ جي اهڙن قديم ماڳن ۾ ٿرڙو (بُٺي/ٽڪري) به هڪ اهم ماڳ آهي، جنهن تي نه رڳو بنھه آڳاٽا آثار پکڙيا پيا آهن، پر پٿرن تي قديم لکت جا اُڪريل اھڃاڻ به موجود آهن.

مخدوم رحمت الله ٺٽوي (هڪ ارڏو آواز) Makhdoom Rehamat Ullah Thattvi

  Makhdoom Rehamat Ullah Thattvi مخدوم رحمت الله ٺٽوي (هڪ ارڏو آواز)

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته گھڻي زماني کان سنڌي ماڻهو لڳاتار ڌارين جي حملن کي منهن ڏيندا، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي وجود جو تحفظ ڪندا رهيا آهن. خاص ڪري ارغونن جي حملن(1514ع _ 1520ع) کان وٺي مغلن جي پڄاڻيءَ (1718ع کان ويندي 1729ع) تائين سنڌي ماڻهن جيڪو ڀوڳيو سو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. انهن دورن ۾ سنڌي ماڻهن پاران جيڪي آزاديءَ جون جنگيون وڙهيون ويون يا جدوجهد جاري رکي وئي ان جو احوال تمام ٿورو ملي ٿو پر جيڪو بنهه مختصر ئي ذڪر ملي ٿو سو به ڪمال جو ۽ تاريخي مثال آهي.

Sunday, April 19, 2020

دولھ درياهه خان جو کوٽايل خان واھ

دولھ درياهه خان جو کوٽايل خان واھ


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي



دولھ دريا خان جي شخصيت تي جيترو فخر ڪجي، اهو ڪري سگھجي ٿو. سندس ڪردار نه رڳو ماضي ۽ حال پر اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ به سدائين اُتساھ جو سبب رهندو. هو سورهيائي، سچائي، وفاداري ۽ وطن دوستئَ جو مٿاهون مثال آهي. پير حسام الدين راشدي ”مڪلي نامي“ ۾ لکيو آهي ته: ”دريا خان، سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. فوجي، سياسي خواھ سماجي يا اقتصادي صورتحال کي هن اهڙي ڪڙئَ تي پهچايو جو مورخن جو متفق قول آهي ته: اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو ۽ نه پوءِ انهن تعميري ۽ رفاحي صلاحيتن سان گڏ منجھس آزادئَ ۽ وطن پرستئَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زندھ ۽ پائينده رکندو. سِرن جا سانگا لاهي، وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪو جدوجھد ڪيو، اهو حقيقتن 
وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آهي.“(1)

Saturday, April 18, 2020

دولھ دريا خان جو ڪوٽ ۽ حويلي (Dollah Darya Khan - The Real Hero Of Sindh)

دولھ دريا خان جو ڪوٽ ۽ حويلي

(Dollah Darya Khan - The Real Hero Of Sindh) 


ڊاڪٽر محمد علي مانجهي




سنڌ ساڻيھ جو سپوت، وطن دوست، داناءُ ۽ دلير دولھ دريا خان شهيد، سنڌ جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي سمي جو وزيراعظم ۽ سپھ سالار هو. ڄام نندي کي شروع ۾ پُٽاڻو اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هن دريا خان کي پُٽيلو ڪري پاليو. پهرين هو لکمير جو ملازم هو، جنهن کان ڄام نندي ورتو.